پير رڪن الدين سخي

پير رڪن الدين سخي: سخي رڪن الدين ناليوارو بزرگ ٿي گذريو آهي. هن 2 آگسٽ 1506ع ۾ جنم ورتو. هي اڳتي هلي مخدوم بلاول جي خليفي مخدوم ساهڙرح جو مريد ٿيو ۽ طريقت جي ڪماليت حاصل ڪيائين. مولانا دين محمد وفائي سندن احوال بيان ڪندي غلام رسول قريشي جي ڪتاب ’ارشاد الطالبين‘ جي حوالي سان لکي ٿو ته شاهه رڪن الدين ايڏو ڪامل ولي هو جو روايت موجب جڏهن بازار مان لنگهندو هو ته ماڻهو ’الله الله‘ ڪندا هئا. مولوي هدايت الله ’مشتاق‘ متعلوي لکي ٿو ته: ”هن دعويٰ ڪئي هئي ته منهنجي مسجد مٽياريءَ جي سڀني مسجدن جي مهندار آهي، ان ۾ جيڪو شخص پنج وقت نماز پڙهندو ان تي قيامت ڏينهن شفاعت ٿيندي“. انهيءَ حوالي سان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ سندس پوٽي مخدوم ابراهيم مڏئي واري به اچي هن مسجد ۾ نماز پڙهي. هن بزرگ جو گذر سفر انتهائي سادو هوندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ روايت آهي ته: ”هڪ دفعي ڪن ماڻهن عرض ڪيو ته مخدوم سرور نوحرح جي جماعت ٻوڙ پلاءُ کائي رهي آهي، پر اوهان وٽ ڪڏهن رٻ ته ڪڏهن رُکي ماني. تڏهن جواب ڏنائين ته حضرت نوحرح تي حضرت سليمان جو پاڇو آهي ۽ مون مسڪين تي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جو سايو آهي، جنهنڪري ڪڏهن بک آهي ته ڪڏهن ڍؤ آهي.“ هڪ ڏينهن عالمن جو ٽولو مسجد ۾ وٽس ڪنهن مسئلي تي مباحثو ڪري رهيو هو ته ڪينو نالي مهاڻو گوڏ سان لڱن اگهاڙو مسجد ۾ داخل ٿيو. اها صورتحال ڏسي هن بزرگ پنهنجي چادر مهاڻي ڏانهن اڇلي ۽ چيائين ته هيءَ مسجد آهي ۽ عالمن جي ڪچهري هلي پئي، ان ڪري چادر ڍڪي ادب سان اچ! ڪينو چادر ڍڪي ۽ ادب سان عالمن جي محفل ۾ ويهي رهيو. اسر جي نماز مهل پير رڪن الدين، مهاڻي کي مخاطب ٿي چيو ته: ”ڪينا“ وضو ڪري ٻانگ چئو! هو جڏهن ٻانگ کان فارغ ٿيو، ته کيس امامت جو ارشاد ڪيائين. هن اڻپڙهيل مهاڻي اهڙي ته ادب سان نماز پڙهائي، جو ماڻهو حيران ٿي ويا. ان کان پوءِ کيس وعظ جو حڪم ڪيائين. مهاڻي سورة فاتح جو تفسير اهڙن ته لطيف نڪتن ۽ اشارن سان ڪيو، جو علم وارا منهن تڪيندا رهيا. آخر ۾ مهاڻي تقرير ڪندي چيو منهنجي دل ۾ علم جو دروازو ايتري قدر کلي چڪو آهي، جو سڄي ڄمار سورة فاتح جو تفسير بيان ڪندو رهان، ته به پورو نه پوان.
پير رڪن الدين سخي 61 سالن جي ڄمار ۾ 16 آڪٽوبر 1567ع تي وفات ڪئي. کيس مٽياريءَ ۾ دفن ڪيو ويو. جتي سندس مزار تي ميان نور محمد ڪلهوڙي شاندار مقبرو اڏرايو. هر سال ربيع الثاني مهيني جي پهرين خميس ”شاهه جي خميس“ جي نالي سان ملهائي ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1506.08.02  عيسوي

پير رڪن الدين سخي 2 آگسٽ 1506ع ۾ جنم ورتو


1567.10.16  عيسوي

پير رڪن الدين سخي 61 سالن جي ڄمار ۾ 16 آڪٽوبر 1567ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀرت ڪمار ڍنگرا
شهاب الدين غوري
اشوڪا
صوف فقير
انور علي عباسي
سائينداد ڪلمتي
ديوان بهادر مرليڌر پنجابي
عثمان راهوڪڙو
خليل بن بصري
سائين ولايترام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون